شعور شاعر شاعري

شعور شاعر شاعري

شعور شاعر شاعري

شعور شاعر شاعري (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور ليکڪا ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جو مختلف شخصيتن ۽ صنفن تي لکيل تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ ڪل 25 مقالا شامل آهن. شخصيتن ۾ هري دلگير، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علي احمد بروهي ۽ امداد حسيني شامل آهن. جڏهن ته تحقيقي مقالن ۾ شعور، شاعر شاعري ۽ نظريا، سنڌي شاعري ۽ جديديت جي کوج، ڳجهارت ڳجهڙي، جيئڻ ڪاڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام، سارڪ رائيٽرس جي 10هين ڪانفرنس ۾ ’سدائين گڏ‘، ٽه ماهي مهراڻ اڌ صديءَ کان سنڌي شاعري جو اهڃاڻ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو اُهاءُ شامل آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب قمر شهباز لکيو آهي، جڏهن ته ساونت علي شاهه ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي سيڪريٽري سيد زوار علي نقوي جا پبلشر نوٽ پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي جو لکيل آهي.
398 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، جون 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 340 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو